ستريا ناچ

ستريا ناچ

ستريا ناچ

ستريا ناچ (Satriya Nritya): هند سنڌ اپکنڊ ۾ ڪل اٺ ڪلاسيڪل ناچ شمار ڪيا ويندا آهن، جن ۾ هيٺيان ناچ اچي وڃن ٿا: (1) ڀارتيه ناٽيــم، (2) ڪــٿاڪلي، (3) موهني اتام، (4) ڪچي پوڙي، (5) اوڊيسي، (6) ڪٿڪ، (7) مڻيپوري ۽ (8) ستريا.
ستريا ناچ اصل ۾ آسام جي علائقي ۾ مروج رهيو آهي. ملندڙ روايتن موجب هي ڀڳتي ناچ جو قسم آهي، جيڪو گرو شنڪر ديو جي تخليق چيو وڃي ٿو. انهيءَ روايت موجب هي ناچ خاص ڪري وشنو پنٿين جي لاءِ جوڙيو ويو هو. هن ناچ جو آسام جي ادب ۽ ثقافت ۾ تمام گهڻو تذڪرو ملي ٿو.
ستريا ناچ ۾ ديو مالائي ڪردارن کي کڻي، ڪٿاڪليءَ وانگر ناچ ڪيو ويندو آهي. هن ناچ سان گڏ وائلن ۽ فليوٽ وغيره جي سنگت ڪئي ويندي آهي.
ستريا ناچ کي ٻوڌي ناچ به سڏيو ويندو آهي، جيڪو آسام جي وهارن ۾ گھڻو ڪري ڀڪشو نچندا آهن. ’ستريا‘ کي آسامي ٻوليءَ ۾ ’ڀوڪاٽ‘ سڏيندا آهن.
هي ناچ جوڙي جي صورت ۾، عورت ۽ مرد گڏجي نچندا آهن، جن جي لاءِ اسٽيج جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. هي ناچ ٻُڌن جي عام عبادت وارن ڏينهن ۾ ڪيو ويندو آهي. هن ناچ لاءِ چڱي موچاري سگهه کانسواءِ وڏي مهارت جي ضرورت هوندي آهي. هن ناچ ۾ عضون جو تمام گھڻو استعمال ٿيندو آهي.
هن ناچ کي ڪيترن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، جن جا خاص انگ هيـٺ ڏجـن ٿـا: (1) اپسـرا نرتـيـه (Apsaran Nritya)، (2) بهـار نرتيه
(Behar nritya)، (3) چـالـي نـرتـيـه (chali nrityea)، (4) دسـوتـارا نـرتـيه
(dasavatra nritya)، (5) گوسائين پرڀاس (gosai parahbas)،
(6) جھـومــر (Jhumra)، (7) نـادو ڀــنگــي (Nadu Bhangi)، (8) راس نـرتـيـه
(Rasa Nritya)، (9) راجا گھڙيا چالي نرتيه (Rajagharya Chali Nritya)، (10) منچـوڪ نـرتـيــه (Manchok Nritya)، (11) بـار پــرڀــاس
(Bar Prabhesh)، (12) گوپي پرويشا (Gopi Pravesha) ۽ (13) سُترا ڌارا نرتيه (Sutradhara Nritya) وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو